SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Peace Keeping Force

(click word to listen sound
  • 🔊
  • piːs
  • kiːpiŋ
  • fɔːs
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Peace Keeping Force

پيس ڪيپنگ فورس

امن جي بحاليءَ واري فوج

ٻن ملڪن ياڌرين جي وچ ۾ ڪو به تڪرار ايترو زور وٺي وڃي، جو ٽين ڌر جي مداخلت کانسواءِ اهو ٽري نه سگهي، ته ٽين ڌر امن قائم ڪرڻ (Peace Keeping) لاءِ مُختلف اُپاءُ وٺندي آهي. ڪنهن به تڪرار جي حل لاءِ ٽين ڌر جي مداخلت جو مقصد ٻن ڌُرين ۾ فقط صُلح ڪرائڻ هوندو آهي، جنهن لاءِ فوجي ۽ سُفارتي طريقا استعمال ڪيا وڃن ٿا. ان کان علاوه ضرورت پوڻ تي ٽين ڌر (يا وچين ڌر) جهيڙو ڪندڙ ڌرين تي مُختلف قسمن جو دٻاءُ رکندي آهي، جيڪڏهن ڌريون پوءِ جهيڙي کي نه ٿيون ختم ڪن، ته مٿانئن فوجي قدم کڻڻ لاءِ به اڳڀرائي ڪئي ويندي آهي. جڏهن گڏيل قومن جو ادارو قائم ڪيو ويو هيو ته ان وقت ٻي عالمي جنگ ختم ٿي هئي، پر ملڪن جا پاڻ ۾ تنازعا پوءِ به هلي رهيا هئا ۽ ”سرد جنگ“ به شروع ٿي چڪي هئي، دُنيا جي امن کي گهڻن قسمن جا خطرا پيدا ٿي چڪا هئا. 1950ع ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل بين الاقوامي جهيڙن کي پاسيرو ڪرڻ ۽ امن قائم ڪرڻ لاءِ ”احتياطي سفارتڪاري“ (Preventive Diplomacy) جو اصطلاح متعارف ڪرايو. انهيءَ قسم جي حڪمت عملي ۾ ڪنهن به تڪرار کي رڳو ٺارڻ جو حل ڏنل هيو، پر جهيڙي کي مستقل طور ختم ڪرڻ لاءِ ڪجهه اضافي قدم به گهربل هئا. انهيءَ ڪري اهڙي صورتحال ۾ اڳتي هلي ”مشن ڪريپ“ (Mission Creep) جو اصطلاح ڪتب آندو ويو، جنهن ۾ جهيڙي کي مڪمل طور ختم ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي. انهيءَ حوالي سان 1956ع ۾ ڪئناڊا جي پرڏيهي معاملن جي وزير ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ”ڊگ هئمرشولڊ“ گڏيل قومن جي اداري جي پلئٽفارم تان ”امن قائم ڪرڻ واري فوج“ (Peace Keeping Force) قائم ڪئي، جنهن جي شعبه بندي ڪرڻ کان پوءِ ان جي ورديءَ کانسواءِ خاص قسم جي ٽوپي به تيار ڪرائي وئي ۽ ان خاص ٽوپيءَ جو رنگ ”نيرو“ مقرر ڪيو ويو. ٽوپيءَ کي ٻين فوجي ٽوپين کان الڳ رنگ ڏيڻ جو مقصد، بين الاقوامي امن فوج جي انفراديت ۽ خصوصيت ظاهر ڪرڻ آهي. ان هوندي به ”امن فوج“ جي طريقيڪار ۽ اختيارن کي اڃا تائين چڱيءَ ريت گڏيل قومن جي چارٽر ۾ بيان نه ڪيو ويو آهي. گڏيل قومن جي چارٽر جي 6 ۽ 7 باب ۾، امن جي ڪوشش وٺڻ لاءِ جيڪي تفصيل بيان ڪيا ويا آهن، انهن سان امن جي بحاليءَ واري عمل کي به جوڙيو ويو آهي. جيتوڻيڪ امن جي بحاليءَ لاءِ گڏيل قومن جي پڌرنامي جي روح مطابق جوڙجڪ ضروري آهي. انهن ڪمين ڪوتاهين جي باوجود، گڏيل قومن جي امن بحال ڪرائيندڙ فوج، دُنيا ۾ امن ۽ صلح جي لاءِ ڪافي هنڌن مثال طور؛ ڪمبوڊيا، نميبيا، انگولا، لبنان، ايراني نار ۽ صوماليا وغيره ۾ ڪاميابيءَ سان پنهنجون ذميواريون نڀائي چڪي آهي. امن فوج جي اهڙي اهميت کي محسوس ڪندي، گڏيل قومن جي اداري ڪيترن مُتاثر ملڪن جي داخلي معاملن ۾ به هن فوج جو استعمال مُناسب ۽ بهتر سمجهيو. ابتدا ۾ اها فوج ٻن تڪراري ڌُر جي وچ ۾ هلندڙ جهيِڙو ٽارڻ لاءِ استعمال ڪئي ويندي هئي، پر 1988ع کان پوءِ گڏيل قومن جي اداري اهڙن ملڪن ۾ به کيس ذميواري سونپيون، جتي گهرولڙائيءَ ۾ ملوث مُختلف ڌرين ۾ جنگ جاري هُئي ۽ اُتي انتظامي معاملا درهم برهم لڳا پيا هُئا. اهڙن مُلڪن ۾ امن فوج کي گڏيل قومن طرفان چونڊون ڪرائڻ، انتظامي معاملن کي سُڌارڻ، عوام کي تحفظ ڏيڻ ۽ جهيڙن کان تنگ اچي ملڪ ڇڏي ويل ماڻهن کي واپس پنهنجي اباڻي وطن ۾ ٻيهر آباد ڪرائڻ جا اختيار به ڏنا ويا. ٻئي طرف اها به حقيقت آهي ته گڏيل قومن جي امن بحال ڪرائيندڙ فوج کي ڪافي معاملن ۽ هنڌن تي ڪن ملڪن پنهنجن خاص مقصدن لاءِ پڻ استعمال ڪيو. ان کان علاوه ڪافي علائقن (جهڙوڪ ڪشمير) ۾ گڏيل قومن جي امن فوج پنهنجي مقصد حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي. سندس مُقابلي ۾ اولهه جي مُلڪن جي فوجي اتحاد نيٽو امن فوج جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ متحرڪ ۽ مؤثر رهي آهي. 1992ع ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ”بترس غالي“، امن جي قيام لاءِ مخصوص علائقي ۽ مخصوص حالتن جي مطابق مداخلت ڪرڻ ۽ نون اختيار ڏيڻ لاءِ اداري آڏو تجويزون پيش ڪيون، پر ان ڏس ۾ مڪمل سوڀاري ٿيڻ لاءِ ”پيس ڪيپگ“ جو عمل نون ضابطن، اختيارن ۽ قانونن جو منتظر آهي


Remember Me Also:

لڏائڻ

لُڏائڻ

کيڏائڻ، نچائڻ، ڪوڏائڻ، جهولائڻ، پينگهي ۾ سمهارڻ (ٻارن کي). کيج ڪرائڻ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal